اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري لڪي مروت ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ خوارج دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروا??ي تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر?? کي ساراهيو. صدر ڪارروائي دوران 5 خوارج کي جهنم واصل ڪرڻ ۽ 2 زخمي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر?? کي ساراهيو. صدر جو دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي قومي عزم جو اظهار ڪيو.