اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) ??فا??ي ڪابينا توانائي واري وزارت، پاور ڊويزن جي سفارش تي بگاس سان هلندڙ 8 انڊيپنڊنٽ پاور ??لا??ٽس سان سيٽلمينٽ معاهدن جي منظوري ڏئي ڇڏي، انهن معاهدن کانپوءِ عام صارفين جي لاءِ بجلي جي قيمت گهٽ ۽ قومي خزاني کي 238 ارب رپين جو فائدو ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ??فا??ي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??فا??ي ڪابينا کي شام جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ اتان پاڪستانين جي انخلا جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته شام ۾ موجود 250 پاڪستاني زائرين مان 79 بيروت پهچي چڪا آهن جتان انهن کي پاڪستان واپس آندو ويندو. ان کانسواءِ شام ۾ موجُود 20 جي لڳ ڀڳ استادن ۽ شاگردن مان 07 استاد به بيروت پهچي چڪا آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شام ۽ لبنان ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار پاڪستانين جي شام مان حفاظت سان واپسي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهن. ??فا??ي ڪابينا توانائي واري وزارت، پاور ڊويزن جي سفارش تي بگاس سان هلندڙ 8 انڊيپنڊنٽ پاور ??لا??ٽس سان سيٽلمنٽ معاهدن جي منظوري ڏئي ڇڏي، انهن معاهدن جي منظوري کانپوءِ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي انهن پاور ??لا??ٽس سان پيدا ٿيندڙ بجلي جي ٽيرف ۾ گهٽتائي جي حوالي سان نيپرا سان رابطو ڪندي، انهن معاهدن کانپوءِ عام صارفين جي لاءِ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ قومي خزاني کي 238 بلين رپين جو فائدو ٿيندو. ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت عام ماڻهو جي لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته اسان جي هر فيصلي ۽ قدم ۾ قومي مفاد مٿانهون رهڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ نجي شعبي ۽ صنعتن جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ڄاڻايل پاور ??لا??ٽس ۾ جي ڊي ڊبليو يونٽ I، يونٽ II، آر واءِ جون ملز، چنيوٽ پاور، حمزه شگر، المعيز انڊسٽريز، ٿل انڊسٽريز ۽ چنار انڊسٽري شامل آهن. ??فا??ي ڪابينا دفاعي پيداوار واري وزارت جي سفارش تي هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا جي بورڊ ۾ برگيڊيئر عاصم بشير وڙائچ جي بطور ميمبر پروڊڪشن ڪنٽرول مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ??فا??ي ڪابينا انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي اسٽيٽس آف وومين فنڊ بابت نيشنل ڪميشن قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.