اسلام آباد– 20 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سيڙپڪاري جي لاءِ اهڙا هدف مقرر ڪيا وڃن جن کي حاصل ڪرڻ جلد کان ??لد ممڪن ٿئي، موثر مارڪيٽنگ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي متوجه ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي، ملڪ ۾ ڪاروباري سهولت مرڪزن جي جلد کان ??لد تعمير مڪمل ڪرڻ ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ريگيوليٽري سڌارن تي ڪم تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بورڊ آف ان??يسٽمينٽ تحت جاري منصوبن ۽ مختلف قدمن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪاروباري سهولت مرڪزن جي جلد کان ??لد تعمير مڪمل ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ريگيوليٽري سڌارن تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عالمي سيڙپڪارن سان ??ي ٽو بي معاهدن جي پڄاڻي ۽ صحيحون ٿيل مفاهمتي يادداشتن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ موثر ۽ جامع روڊ ميپ جوڙيو وڃي. هن چيو ته سيڙپڪاري جي لاءِ اهڙي نوعيت جا هدف مقرر ڪيا وڃن جن کي حاصل ڪرڻ جلد کان ??لد ممڪن ٿئي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي موثر مارڪيٽنگ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي متوجه ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. بزنس فيسيليٽيشن سينٽرز جي تعمير، روڊ شوز جو انعقاد ۽ ان ??هڙا ٻيا قدم ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهن. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ 35 خصوصي اقتصادي زونز جي جيوگرافيڪل ان??ارميشن سسٽم (جي آءِ ايس) جي ذريعي سروي ڪئي وئي آهي. خصوصي اقتصادي زونز ۾ جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ وسيع ڊيٽا موجود آهي. خصوصي اقتصادي زونز کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ 18 نقاطي پلان ??وڙيو ويو آهي. ڪيترين ئي چيني ڪمپنين سان 200 کان وڌيڪ بي ٽو بي معاهدا طئي ٿي چڪا آهن ۽ 70 ملين ڊالرز جي ماليت جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿي چڪيون آهن. اجلاس ۾ آسان ڪاروبار ايڪٽ 2024ع جي حوالي سان ??جويزون پيش ڪيون ويو??. آ??ان ڪاروبار ايڪٽ 2024ع تحت بورڊ آف ان??يسٽمينٽ ملڪ ۾ ڪاروبار جي لاءِ ريگيوليٽري فريم ورڪ کي موجوده دور جي گهرجن موجب جوڙي سگهندو. اجلاس ۾ نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.