اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه قومي ترقيءَ لاءِ سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي جي مڪمل صلا??يت کي کولڻ لاءِ پاڪستان جي پاليسين کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. آءِ ٽي وزارت مان جاري بيان موجب اسٽار لنڪ ۽ ايل اي او سيٽلائيٽ لائسنسنگ جي حوالي سان مملڪتي وزير جي ص??ارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ لو ??رٿ آربٽ سيٽلائٽس لاءِ اسٽار لنڪ جي لائسنسنگ ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو سيڪريٽري ضرار هاشم خان، اسپيشل سيڪريٽري اظفر منظور، چيئرمين پاڪستان اسپيس ايڪٽيوٽي ريگيوليٽري بورڊ عامر سرفراز احمد، چيئرمين اسپارڪو محمد يوسف خان، چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان، ٽيليڪام جي ميمبر جهانزيب رحيم ۽ اهم ڌُرين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اهو فيصلو ڪيو و??و ته ضابطن لاءِ ڪنسلٽنٽ جي ڀرتي ڪجهه هفتن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ لو ??رٿ آربٽ سيٽلائٽس لاءِ هڪ مضبوط ريگيوليٽري فريم ورڪ کي يقيني بڻائڻ، ڪنيڪٽيوٽي کي وڌائڻ ۽ فني جدت کي اڳيان وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.