اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان ۽ نائجيريا جي صدر محمد بوباري ٽي??يفون تي ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزي??اع??م ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ نائجيريا کي هڪ جهڙيون حالتون درپيش آهن. وزي??اع??م نائجيريا جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان پاران يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ان جي موثر قدمن کي ساراهيو.