لاهور / اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مڪڙن جي خا??مي لاءِ پنجاب حڪومت جي ٺوس حڪمت عملي ۽ قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدا??ت ڪئي ته مڪڙن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ته جيئن آبادگارن جي قيمتي فصلن کي ان قدرتي آفت کان تحفظ ف??اه?? ڪري سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنجاب ۾ مڪڙن جي خا??مي جي حوالي سان قدمن تي اعليٰ سطحي بريفنگ دوران ڪيو. پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل مڪڙن جي حملي ??ي منهن ڏيڻ جي لاءِ صوب??ئي ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ مڪڙن جي حملي ??ي جديد مشينري جي استعمال ۽ ٺوس حڪمت عملي سان وڏي حد تائين روڪيو ويو آهي.