اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي خصوصي صل??حڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا پمز ۾ بيت المال جي جد??د سا??ٽ ويئر سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان بيت المال ۽ صحت واري وزارت جي وڏن قدمن تحت مريضن ۽ ضرورتمند ماڻهن جي امداد کي شفاف ۽ تيز رفتار بڻائڻ لاءِ جد??د سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي، پمز ۾ بيت المال ۽ صحت واري وزارت جي سهڪار سان شروع ڪيل منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي خصوصي صل??حڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته حڪومت واعدي موجب پوئتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي اها ئي مديني جي رياست جي حقيقي شڪل آهي، جتي وسيلن جو رخ ضرورتمندن طرف موڙيو پيو وڃي?? غريب ۽ ضرورتمند مريضن جي علاج لاءِ مالي امداد جي فراهمي کي جد??د رخن تي هموار ڪيو پيو وڃي.