اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ”ڪشمير استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان سينيٽ جو اجلاس 5 آگسٽ اربع ڏينهن صبح ساڍا ڏهين وڳي طلب ڪيو آهي. سينيٽ جي خصوصي اجلاس دوران ڪشمير مسئلي جي حوالي سان پارليامينٽ ۽ عوام پاران مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ هر سطح تي آواز اٿارڻ جي عزم کي ورجايو ويندو ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کانسواءِ ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلمن جي خلاف پڻ آواز اٿاريو ويندو. ان موقعي تي عالمي برادري تي زور ڏنو ويندو ته ??ها ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلم بند ڪرائڻ جي لا??ِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪري. سينيٽ جو اهو خاص اجلاس ڪشمير جي حوالي سان هڪ نقاطي ايجنڊا تي هوندو جنهن دوران سينيٽ ۾ موجود سياسي پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ بحث ۾ حصو وٺندا. اهو اجلاس ان حوالي سان به تاريخي اهميت رکي ٿو ته صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جا جهندا پڻ ايوان ۾ رکيا ويندا. اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ جي لا??ِ مختلف مل??ن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرن کي خاص طور تي دعوت ڏني وئي آهي.