اسلام آباد – 06 نو??بر (اي پي پي) ڪورونا جي ??با کانپوءِ ملڪ ۾ ثقافتي سرگرميُون شروع ٿي و??ون آهن، سردي جي رُت اچڻ سان ثقافتي سرگرميون وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ لوڪ ميلا سان شروع ٿي و??ون آهن، اسلام آباد ۾ لوڪ ميلو 6 کان 15 نو??بر تائين جاري رهندو، لوڪ ميلي جي روزاني سرگرمين ۾ هر صوبو پنهنجي ثقافت جي عڪاسي ڪندو آهي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽ پاران روز پتلي تماشو به منعقد ڪيو ويندو، لوڪ ميلي دوران بغير ماسڪ داخلا منع آهي، سالياني ثقافتي ميلي جو افتتاح تعلي?? تربيت واري و??اقي وزير شفقت محمود ڪيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي و??اقي وزير شفقت محمود چيو ته ڪورونا جي ڪري هن سال ??ڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڪورونا جي حالتن ۾ ايس او پيز سان ميلي جو انعقاد تعريف جي قابل آهي، لوڪ ورثه ثقافت جي رنگن کي پنهنجي اندر سمائي رکي ٿو، هن جديد دور ۾ ڪيترائي ساز ۽ روايتون اڻ لڀ ٿي رهيون آهن، وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته اسان کي انهن روايتن کي سنڀالي رکڻو آهي، ۽ اهو واعدو ڪرڻو آهي ته ڪنهن به ورثي کي ختم ناهي ٿيڻ ڏيڻو.