اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان آءِ لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ورڪنگ گروپس جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ پنجاب جو چيف ??يڪريٽري جواد رفيق ملڪ وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم کي ٻنهي منصوبن تي هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، ??زي??اعظم کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۽ ٻيٽن تي آباد ٿيندڙ شهر ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سرسبز شهر (گرين سٽي) جي اصولن جي عين موجب هوندا، راوي ڊولپمنيٽ اٿارٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته تعميرات جي لاءِ 18600 ايڪڙ زمين جو سروي مڪمل ٿي چ??و آهي، جنهن ۾ مقامي آبادي کي بي دخل ڪرڻ يا ڪنهن ٻي جاءِ تي منتقل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، هن ٻڌايو ته راوي سٽي منصوبو عالمي معيار موجب رهائش سان گڏوگڏ پاڻي جي نيڪالي، زمين جي اندر پاڻي جي ذخيرن جي دستيابي ۽ حفاظت ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان خطي ۾ پيروي ڪرڻ جو نمونو ثابت ٿيندو، واضح رهي ته اهو منصوبو قرض بدران حصيداري جي بنياد تي ٺاهيو پيو وڃي جنهن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي ادارا ۽ سيڙپڪار دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن.