اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪلين انرجي طرف گامزن آهي، 2030ع تائين مجموعي توانائي جي 60 سيڪڙو ذريعن کي ڪلين انرجي ۽ 30 سيڪڙو گاڏين کي بجلي تي منتقل ڪرڻ جو هدف آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻندو. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديلين تي پيرس معاهدي جي پنجين سالگرهه تي عالمي ورچوئل سمٽ ??ي خطاب ڪندي ڪيو. وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو ماحولياتي آلودگي ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي جڏه?? ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته پاڪستان ماحولياتي آلودگي سان سڀ کان وڌ??ڪ متاثر ٿيندڙ پنجون ملڪ آهي.