اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز سان ڪيوبا جي س??ير گيبريل ٽيل ڪيپوٽ الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز ثقافت جي شعبي ۾ تعاون تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان عظيم ۽ گهڻ رخي ثقافتي ورثي جو امين آهي، ثقافت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ خوشگوار ??اڳاپا قائم آهن.