ڪراچي – 15 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ ، انهن جي لا??ِ ڪم جي حالتن کي سازگار بڻائڻ، هراسمينٽ کان تحفظ ۽ معاشري ۾ ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل جي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي مناسبت سان ٿي??دڙ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين عورتن کي انهن جي برابر بنيادي حقن جي ضمانت ڏي ٿو ۽ موجوده حڪومت زندگي جي هر شعبي ۾ انهن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ لا??ِ ڪوششون ڪر?? رهي آهي. ثمينه علوي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي ۽ معاشري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ معاشري جي گڏيل ذميداري آهي، ان ڏس ۾ هر ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن عورتن جي لا??ِ ڪم واري ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.