اسلام آباد – 18 211; ??ارچ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي گم ٿي?? ماڻهن جي 3 رڪني ڪميٽي سان ملاقات ڪئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته اها ڪميٽي گذريل مهيني ڌرڻو هڻندڙ 13 خاندانن جي نمائندگي ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان کي ٽاسڪ ڏنو ته هو فوري طور تي انهن گم ٿي?? ماڻهن جي درست صورتحال مع??وم ڪري. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪميٽي کي اڳڀرائي کان آگاهه رکيو ويندو.