اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان صحت انصاف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم جي هد??يت تي سٽيزن پورٽل تي صحت انصاف ڪارڊ جي نالي سان خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪ??ي وئي آهي. وزيراعظم ??فيس پاران جاري تفصيل موجب صحت انصاف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ وزيراعظم ??مران خان جي هد??يت تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ هدايتنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپتالن ۾ علاج کان انڪار، سهولتن جي کوٽ، عملي جي رويي بابت سڌوسنئون شڪايتون پاڪستان سٽيزن پورٽل تي ڪري سگهبيون. علاج تي ايندڙ خرچ جي عدم معلومات، علاج ۾ دير ۽ غلط علاج تي پڻ شهري شڪ??يت ڪري سگهندا. وزيراعظم ??فيس موجب صحت انصاف ڪارڊ جي پينل ۾ شامل اسپتالن جي مسئلن تي پڻ شڪايتون داخل ڪرائي سگهبيون. شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ اسٽيٽ لائيف جي اعليٰ آفيسرن کي خصوصي ڊيش بورڊ پڻ الاٽ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ لائيف جو چيئرمين شهرين جي شڪايتن جي فوري حل کي يقيني بڻائيندو.