اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته وزيراعظم عمران خان جو خواب مديني جي رياست وانگر فلاحي نظام، معاشي ترقي ۽ خوشحال عوام آهي، محدود وسيلن وارن 37 لک خاندانن کي 1400 ا??ب سان معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪي?? وي?? آهي، ان سان غربت جي خاتمي، محروم طبقن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪامياب آبادگار جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا، ڪامياب ڪاروبار پروگرام تحت ڪاروبار جي لاءِ پنج لک تائين بنا وياج قرض ڏنا ويندا، سستا گهر اسڪيم تح?? پنهنجو گهر بڻائڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ فني تعليم ۽ صحت انصاف ڪارڊ به ڪامياب پاڪستان پروگرام جو حص?? آهي.