اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير ??خدوم شاهه محمود قريشي رياض ۾ پنهنجي سعودي هم منصب شهزاد فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي و??يرن عالمي سطح تي خا?? طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي فورمز تي ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ سفارتخاني جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. پرڏيهي و??ير ??خدوم شاهه محمود قريشي ماحوليات جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس جي انعقاد تي سعودي هم منصب کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته ماحوليات جي حوالي سان منعقد اها ڪانفرنس خطي ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪانفرنس آهي، شاهه محمود قريشي اميد ظاهر ڪئي ته ان ڪانفرنس جي انعقاد سان خطي جي ملڪن کي ماحولياتي تبديلين جي خراب اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي موقف اختيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي پرڏيهي و??يرن ٻه طرفي لاڳاپن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي پرڏيهي و??يرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪ?? بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هلندڙ سال نيويارڪ ۽ اسلام آباد ۾ ٻنهي پرڏيهي و??يرن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جو حوالو ڏيندي پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي و??يرن عالمي سطح تي خا?? طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي فورمز تي ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو. پرڏيهي و??ير سعودي هم منصب کي افعانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحرن جي خطري کان آگاهه ڪندي افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ معاشي استحڪام لاءِ عالمي برادري پاران ٺوس ۽ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.