اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت خيبرپختونخ??اه?? ۾ سياحت جي شعب?? جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کڻ?? رهي آهي، صحت ڪار?? جي فراهمي سان عوام کي معياري علاج جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي پئي و??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخ??اه?? جي و??ي وزير محمود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي ڪمن خاص طور تي سياحت جي فروغ جي لاءِ جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پلان، ٻيلن جي تحفظ جي لاءِ قدمن ۽ صوبي ۾ جاري انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ صحت ڪارڊ ۽ ان سان عوام جي بنيادي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري تي ڳال??ه ٻولهه ڪئي وئي.