اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انساني ه??دردي جي بنياد تي واهگا بارڊر جي رستي ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون افغان ٽرڪن جي ذريعي افغانستان منتقلي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان انساني ه??دردي جي بنياد تي افغان عوام کي وڌيڪ سه??لت فراهم ڪرڻ جي غرض سان ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون واهگا بارڊر ۽ طورخم جي رستي افغان ٽرڪن جي ذريعي افغانستان منتقلي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو مجوزه انساني امداد ۾ سه??لت جي فراهمي لاءِ حڪومت پاڪستان جي عزم ۽ سنجيدگي جو ثبوت آهي. ان فيصلي سان پرڏيهي وزارت ۾ ڀارتي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي حڪومت تي به زور ڏنو ويو ته ه?? افغانستان کي انساني امداد جي فراهمي ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي.