پشاور – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ احساس راشن پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جنهن ??حت اٽو گيهه ۽ داليون 30 سيڪڙو گهٽ قيمت تي ڏنيون وينديون، هڪ ٻي پروگرام شروع ٿيندو جنهن ??حت 20 لک انتهائي گهٽ آمدني وارن خاندانن کي بنا وياج جي قرض ڏينداسين، هر مستحق خاندان ۾ هڪ ماڻهو کي هنر سيکارينداسين، پوري پنجاب ۾ جنوري ۾ هليٿ انشورنس ڏئي رهيا آهيون، بلوچستان جي وڏي وزير به هيلٿ انشورنس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن گورنر هائوس پشاور ۾ احساس ڪفالت پروگرام ??حت چيڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان ۽ ٻيا سينئر آفيسر موجود هئا. وزيراعظم چيو ته 25 سال پهرين تحريڪ انصاف شروع ڪئي ته اسان جو منشور واضح هو ته پاڪستان ??ي اسلامي فلاحي رياست بنائڻو آهي، هن چيو ته احساس راشن رعايت پروگرام جاري ڪرڻ سان شهرين کي اٽو، گيهه، تيل ۽ دالين جي خريداري ۾ 30 سيڪڙو رعايت ملندي، احساس راشن پروگرام جي ڪل لاڳت 120 ارب روپيا آهي، پروگرام ??حت 2 ڪروڙ خاندان ۽ تقريبن 30 ڪروڙ ماڻهو مستفيد ٿيند ا جيڪي ملڪ جي ڪل ??بادي جو تقريبن 53 سيڪڙو آهي، ماهوار 50 هزار کان ??هٽ آمدني وارن خاندان ان پروگرام مان فائدو کڻڻ جي اهل هوندا، اهل صارفين کي ڪل ??ريداري تي 30 سيڪڙو رعايت ملندي، اها رعايت اٽو، گيهه، تيل ۽ دالين تي ملندي. ڪريانه اسٽور مالڪ به ان پروگرام ۾ رجسٽر ٿي سگهن ٿا، وزيراعظم عمران خان ??يو ته صحت ڪارڊ جاري به خيبرپختونخوا مان ٿيو، هاڻي نئون پاڪستان ??ارڊ جو آغاز به هتان ??ان ٿي رهيو آهي جيڪو ان صوبي لاءِ اعزاز آهي. يو اين ڊي پي جي رپورٽ هئي ته 2013ع کان 2018ع تائين پختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيزي سان غربت ۾ گهٽتائي ٿي، هي صوبو دهشتگردي کان وڌيڪ متاثر ٿيو هو، هن چيو ته هاڻي صوبي ۾ پهريون ڀيرو 30 سيڪڙو ماڻهن کي هيلٿ انشورنس ملي، غريبن جي لاءِ ڪينسر جي علاج جو اسپتال ٺاهيو، وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمگير وبا جي دوران پابنديون نه لڳائڻ تي مون تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي پر هاڻي دنيا چئي رهي آهي ته پاڪستان سڀ کان وڌيڪ بهتر طريقي سان پاڻ کي ڪورونا وائرس جي وبا جي مشڪل ??ورتحال مان ??ڍيو ۽ عالمي اخبار دي اڪانومسٽ به پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران پاڪستان پنهنجي ماڻهن ۽ معيشت ٻنهي کي بچائي ورتو. هن چيو ته پوري پنجاب ۾ جنوري ۾ هليٿ انشورنس ڏئي رهيا آهيون، بلوچستان جي وڏي وزير به هيلٿ انشورنس ڏين جو فيصلو ڪيو آهي، جتي جتي اسان جي حڪومت آهي اتي هر خاندان ??ي علاج جي لاءِ 10 لک روپيا ڏينداسين، علاج جي سهولت ڏيڻ اسان ??ي فلاحي رياست جي طرف وٺي وڃي رهي آهي، هن وقت اسان شاگردن کي اسڪالرشپ جي مد ۾ 47 ارب 63 لک روپيا ڏئي رهيا آهيون، اسڪالرشپس ميرت تي ڏنيون وينديون، ايندڙ 10 س??لن ۾ 10 ڊيم ٺاهينداسين، اسان جو ملڪ گهڻي تيزي سان ترقي ڪندو. وزيراعظم چيو ته هن وقت اسان وٽ پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه دنيا جي اڪثر ملڪن جي مقابلي گهٽ آهن.