برسلز – 07 ڊ??مبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڳڻتي جوڳو آه??، عالمي برادري افغان عوام کي انساني ۽ معاشي معاونت فراهم ڪر?? جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. اهي ڳالهيون هن برسلز ۾ موجود نيٽو هيڊڪوارٽر ۾ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جينز اسٽولٽن برگ سان ملاقات ۾ چيون. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل معاملن، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ ٻطرفي تعاون سميت علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جون 2019ع ۾ برسلز ۾ سيڪريٽري جنرل سان ٿيندڙ ملاقات جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته اعليٰ سطح جي سياسي ۽ فوجي رابطن گڏيل مفادن جي معاملن تي ٻطرفي تعاون کي مضبوط ب??ائ?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آه??. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان امن جي پاليسي تي عمل پيرا آه??. پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آه??. پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڳڻتي جوڳو آه??، ضرورت ان ڳالهه جي آه?? ته عالمي برادري افغان عوام کي انساني ۽ معاشي معاونت فراهم ڪر?? جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. پرڏيهي وزير افغانستان ۾ پناهگيرن جي لڏپلا?? جي خطري کي روڪڻ، افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه ۽ منشيات جو مرڪ بڻجڻ کان بچائ?? جي لاءِ طالبان سان عالمي برادري جي تعاون کي لازمي قرار ڏنو. هن چيو ته عالمي برادري جو ڌيان افعانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني بحران طرف ڇڪرائ?? جي لاءِ پاڪستان 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آه??. سيڪريٽري جنرل اسٽولٽن برگ افغانستان ۾ نيٽو جي ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل موجودگي دوران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو.