اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??سا?? قوم جي حيثيت سان صرف حضور ڪريم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪري ترقي ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مشهور مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي جي تجويز ڪيل ڪردار بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. ا??ا اٿارٽي ??سا?? جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ جي قائم ڪيل مديني جي رياست جي بنيادي قدرن ۽ سيرت النبي صه ﷺ جي شاندار تعليمات جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪردار سازي ل??ءِ قائم ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته ??سا?? قوم جي حيثيت سان صرف حضور صلي الله عليه وسلم جي تعليمات تي عمل ڪري ئي ترقي ڪري سگهون ٿا. مولانا طارق جميل مديني جي رياست جي فلاحي ماڊل کي لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليمات نبوي صلي الله عليه وسلم جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪردار سازي تي زور ڏيڻ جي ل??ءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيو.