اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن گذريل سال پنهنجي وچ ۾ ٿيڻ واري ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي ٻطرفي تع??ون ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن پاران ڏنل ان بيان جي آجيان ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته حضور نبي ڪريم ﷺ جي شا?? ۾ گستاخي اظهار آزادي جي راءِ نه پر مذهبي آزادي جي خلاف ورزي آهي، وزيراعظم چيو ته هو جنرل اسيمبلي کان پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت ڦه??ائڻ واري معاملي کي تسلسل سان اجاگر ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي سنگين اثرن جي حوالي سان دنيا کي آگاهه ڪندو رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته روس سان گڏ پاڪستان جي ٻطرفا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، اقتصادي لاڳاپا ۽ توانائي جي شعبي ۾ تع??ون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد پڄاڻي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تع??ون وڌائڻ، اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ ا??غا??ستان بابت معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم ا??غا??ستان علائقائي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي. هن چيو ته ا??غا??ستان کي انساني ۽ اقتصادي چئلينج درپيش آهن، ۽ ا??غا??ستان جي عوام کي ان مشڪل مرحلي تي عالمي برادري جي تع??ون جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان ا??غا?? عوام جي سخت ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ا??غا??ستان جا مالي اثاثا بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هو روسي صدر جي پاڪستان دوري ۽ پاڻ به مناسب وقت تي روس جو دورو ڪرڻ جو منتظر آهي.