اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملتان سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر نديم قريشي، جاويد اختر انصاري ۽ تحريڪ انصاف جو ميمبر ملڪ عدنان ڊوگر شامل هئا. ان موقعي تي شر??ت ڪندڙن وزيراعظم کي عوامي ميڙ امر بالمعروف جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ ملتان ۾ جاري ترقياتي منصوبن، ڏکڻ پنجاب پئڪيج ۽ نئون پاڪستان ??حت ڪارڊ جي عوامي پذيرائي کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائي جي جاري ترقياتي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي ??ڪم?? ڪرڻ ۽ پارٽي تنظيم کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.