اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم جي ايڊوائيس تي عمل ڪ??دي محمد سرور جي پنجاب جي گورنر جي عهدي تان برطرفي جي منظوري ۽ عمر سرفراز چيما جي بطور پنجاب جو گورنر مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب صدر آئين جي آرٽيڪل 101 تحت اها منظوري ڏني آهي.