اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 اپريل تي ق??مي اسيمبلي جي تحليل جي پيش نظر ??ئي?? جي آرٽيڪل 224 (1) اي تحت نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ موز??ن شخص تجويز ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران احمد خان نيازي ۽ عهدو ڇڏيندڙ ق??مي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان محمد شهباز شريف کي خط لکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر پنهنجي خط ۾ ٻنهي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن ق??مي اسيمبلي جي تحليل ٿيڻ جي ٽن ڏينهن جي اندر وزيراع??م ۽ عهدو ڇڏيندڙ ق??مي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڪنهن شخص کي نگران وزيراعظم بڻائڻ تي متفق نه ٿين ته ٻه، ٻه، نالا ق??مي اسيمبلي جي اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي کي موڪلڻا پوندا جنهن جي جوڙجڪ ق??مي اسيمبلي جو اسپيڪر فوري طور تي ڪندو، اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي جا ڪل 8 ميمبر هوندا جيڪا عهدو ڇڏيندڙ ق??مي اسيمبلي يا سينيٽ يا ٻنهي جي ميمبرن تي مشتمل هوندي. ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ جيتري نمائندگي حاصل هوندي. خط موجب ??ئي?? جي آرٽيڪل 244 (1) اي تحت ڪميٽي جي ميمبرن جي نامزدگي وزيراع??م ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ڪندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته وزيراعظم عمران احمد خان نيازي ??ئي?? جي آرٽيڪل 224 (1) تحت نگران وزيراعظم جي مقرري تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهندو. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پاڪستان جو ??ئي??، آرٽيڪل 224 (1) اي صدر کي وزيراع??م ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشاورت سان نگران وزيراعظم جي مقرري جو اختيار ڏي ٿو.