لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون ٽن مهينن ۾ ڪرايون وينديون. گورنر هائوس لاهور ۾ پا??ٽي ورڪرز ۽ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن ڀيري پاڪستان تحريڪ انصاف هيٺين سطح تي مناسب مشاورت کانپوءِ پنهنجي نظرياتي ڪارڪنن کي ٽڪيٽ ڏيندي. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اڳوڻن وفاقي ۽ صوبائي وزيرن سميت ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آئنده ٽڪيٽس جي نگراني پاڻ ڪندس، هن چيو ته ماضي ۾ پا??ٽي ٽڪيٽ ڏيندي ڪجهه غلطيون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ قيمت ادا ڪرڻي پئي، تنهن هوندي به هاڻي انهن غلطين مان سکنداسين. هن اميد ظاهر ڪئي ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ انهن س??اس??دانن کي سبق سيکاريندي جيڪي غير ملڪي سازش جو حصو بڻيا آهن، هن چيو ته انهن غدارن ملڪ جي آزاد پرڏيهي پا??يس?? کي ختم ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي ۽ اسان انهن غدارن جي خلاف هر قيمت تي ۽ هر فورم تي وڙهنداسين، وزيراعظم اعلان ڪيو ته اڄ ر??ت عشاءِ جي نماز کانپوءِ ايف نائن پارڪ اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته سازش جو حصو بڻجندڙ عنصرن جي س??اس?? ايندڙ اليڪشن ۾ ختم ٿي ويندي، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان شفقت محمود کي روزاني لاهور ۾ احتجاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيمه کي به مبارڪباد ڏني.