اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي ??عطل جو شڪار ترقيات?? منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عوامي فلاح?? منصوبن کي ??رجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن پلاننگ ڪميشن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ??ه ٺوس منصوبابندي سان ٺوس پاليسين جي جوڙجڪ ۽ پاليسين جي تسلسل سان ملڪي معاشي، اقتصادي ترقي يقيني بڻائينداسين. هن هدايت ڪئي ته وزارتون ۽ ڊويزنون گڏيل تعاون کي يقيني بڻائين. هن چيو ??ه عوامي فلاح?? منصوبا وڌيڪ غفلت ۽ نظراندازي جو شڪار نه ٿيندا، ترقي جو سفر اتان شروع آهي، جتان رڪيو هو، ملڪ ۽ قوم جو هڪ رپيو ??ه ضايع نه ٿيڻ ڏينداسين.