اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? سرڪاري م??لو??ات ليڪ ڪندڙ بدعنوان نيب اهلڪار جي سزا برقرار رکي آهي. صدر نيب اهلڪار جي ڪرپشن جي لاءِ سرڪاري م??لو??ات ليڪ ڪرڻ تي سزا جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو ته نيب سرڪاري راز ظاهر ڪرڻ جي ڪيسز ۾ ملوث ٻين آفيسرن جي خلاف پڻ ڪارروائي ڪري، افسوس جو بدعنواني جي خاتمي لاءِ ذميوار اداري نيب جي اندر ئي ڪرپشن ڪئ?? وئي، تفصيل موجب نيب جي اسسٽنٽ پرا??يو??ٽ سيڪريٽري (بي ايس 16)، نعمان اقبال، غيرقانوني طور تي غيرمجاز ماڻهن کي سرڪاري م??لو??ات ڏني، انڪوائري ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اهلڪار کي 5 سال جي لاءِ ه??ٺئ??ن پوسٽ تي تنزلي جي سزا ڏن?? وئي. نيب اهلڪار سزا جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪري رکي هئي. نيب ڪراچي سورس رپورٽ جي بنياد تي انڪوائري جي اپيل ڪندڙ جي موبائيل مان ڳجهو رڪارڊ مليو. نيب اهلڪار جي فون جي فرانزڪ تجزيي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ دستاويزن سان پڻ ڏوهه ثابت ٿيو. نيب نعمان اقبال جي خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. انڪوائري ڪميٽي درخواستگذار کي بدانتظامي ۽ سرڪاري راز ظاهر ڪرڻ جي الزام ۾ قصوروار قرار ڏنو. نعمان اقبال نيب اييمپلائيز سروسز رولز تحت صدر کي سزا جي خلاف اپيل داخل ڪئي. صدر چيو ته نيب اهلڪار فيصلي جي خلاف ڪو معقول سبب يا اضافي جواز فراهم نه ڪيو، اهڙي ماڻهو جي لاءِ 5 سال جي سزا انصاف نه آهي، سزا وڌيڪ سخت هجڻ گهرجي ها. صدر اپيل رد ڪندي چيو ته نيب معاملي ۾ ملوث بين آفيسرن جو قصور ثابت ٿيڻ تي انهن کي دوکيبازي، ملڪ جو تشخص خراب ڪرڻ تي سزا ڏي.