اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دنيا کي والاريل ڪشمير ۾ سياسي قيدين سان ڀارتي حڪومت جي ناروا سلوڪ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته مشه??ر ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ کي دهشتگردي جي ڪوڙن الزامن ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي کلي عام پائمالين جي خل??ف احتجاج جي صدا بلند ڪندڙن ج?? آواز خاموش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، هن چيو ته ان حوالي سان مودي حڪومت کان جوابدهي ٿيڻ گهرجي.