اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارت جي باري ۾ پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت سان لاڳاپن جي حوالي سان ??نل ريمارڪس جي حقيقتن کان هٽي ڪري تشريح ڪئي پئي وڃي ۽ اُن کي غلط طريقي سان پيش ڪيو پيو وڃي، ??رڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ڀارت بابت پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي جنهن تي قومي اتفاق راءِ آهي، ??اڪستان سدائين ڀارت سميت پنهنجي پاڙيسرين سان تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند رهيو ??هي?? ترجمان ??يو ته پاڪستان ??مون ۽ ڪشمير جي بنيادي تڪرارن سميت سمورا حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مسلسل تعميري ۽ نتيجا ??يز ڳالهين جي وڪالت ڪئي ??هي?? تنهن هوندي به ڀارت پنهنجي دشمني ۽ رجعت پسنداڻي قدمن سان ماحول کي خراب ڪيو آهي ۽ امن ۽ تعاون جي امڪانن کي روڪيو ??هي?? ڀارت تي اها ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته هو بامعنيٰ ۽ نتيجا ??يز ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي، ترجمان ??يو ته پرڏيهي وزير 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين جو حوالو ڏيندي پاڪستان جو موقف واضح طور تي بيان ??يو ۽ ڀارتي قدمن کي ڪشميري عوام جي حقن تي حملو قرار ڏنو، پرڏيهي وزير ان سان ??ڏوگڏ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جو به ذڪر ڪيو جنهن ڀارت سان بامعنيٰ ڳالهين لاءِ هڪ غير ساز ماحول پيدا ڪيو آهي، ??رڏيهي وزير جي ريمارڪس کي تڪرارن جي حل لاءِ ان جي اهم پيغام جي مجموعي تناظر ۾ بهتر طور تي سمجهيو ويندو آهي جنهن تي هن ٿنڪ ٽينڪ جي تقريب ۾ پنهنجي خطا?? ۾ ??ور ڏنو هو.