اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جو?? بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق ايئر ??يف مارشل ظهير احمد بابر سڌو طرفان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هر ممڪن مدد پهچائڻ جي هدايتن جي روشني ۾ پاڪ فضائيه جو?? بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. پاڪ فضائيه انهن سمورن ضرورتمند ڪٽنبن تائين عام واهپي جون شيون پهچائي رهي آهي جن جا گهر ٻوڏ سبب تب??هه ٿي ويا آهن. ترجمان مطابق پاڪ فضائيه طرفان 41 خيما ۽ 12000 ڪلوگرام بنيادي اهم واهپي واريون شيون ۽ ٻيون ضرورت جون شيون متا??ر ڪٽنبن ۾ ورهايون آهن. پاڪ فضائيه جي پيراميڊڪل ٽيم 410 مريضن جو مفت طبي معائنو به ڪيو آهي.