اسلام آباد – 16 اپريل (??ي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته موجوده صورتحال خاص طور تي رمضان مهيني کي نظر ۾ رکندي ڪڻ?? ۽ ٻين ضرورت جي شين جي طلب ۽ پهچ تي گهري نظر رکي وڃي ته جيئن وقت سر فيصلا ڪري سگهجن ۽ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ خوراڪ جي کوٽ نه ٿئي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪڻ?? جي اسمگلنگ جي روڪٿام، مڪڙن جي خاتمي جي حوالي سان قدمن ۽ ايندڙ سال معياري ڪڻ?? جي پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهتر ٻج جي استعمال جي حوالي سان تجويزن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي.