اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان سان يو اين ڊي پي (يونائيٽيڊ نيشنز ڊولپمينٽ پروگرام) جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي ??زي?? اسد عمر، اطلاعا?? ۽ ??شريات وارو ??زي?? سينيٽر شبلي فراز، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ٻيا سينئر آفيسر موجود هئا. ??زي??اعظم ميڊيا آفيس موجب يو اين ڊي پي جي پاڪستان ۾ موجود نمائنده ايليونه نيڪوليٽا ??زي??اعظم عمران خان جي هيومن ڊولپمينٽ ۾ خصوصي دلچسپي کي ساراهيندي چيو ته ??زي??اعظم جي ذ??تي دلچسپي جتي ملڪ ۾ انساني ترقي جي فروغ جو سبب آهي ??تي يو اين ڊي پي جي مقصدن جي تڪميل ۾ به مددگار ثابت ٿي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت طرفان سسٽين ايبل ڊولپمينٽ گولز (پائيدار ترقي جا مقصد) کي اختيار ڪرڻ، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عملي ۽ وسيلن جي فراهمي نهايت قابل تحسين آهي، هن يو اين ڊي پي کي حڪومت طرفان فراهم ڪيل سپورٽ تي ??زي??اعظم جو ٿورو ادا ڪيو، يو اين ڊي پي جي وفد ڪووڊ دوران حڪومت پاڪستان جي حڪمت عملي خاص طور تي معاشي عمل جي رواني ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد جهڙن قدمن کي ساراهيو.