اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 12 سيپٽمبر 2020ع کا انٽرا افغان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي اعلا?? جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آخرڪار اسا?? جي گڏيل ڪوششن رنگ لاتو آهي جنهن جو افغان عوام کي ڪيترن ئي سالن کان انتظار هو، هن چيو ته تقريبن 40 سالن تائين افغاني?? مسلسل تڪرارن ۽ رتوڇاڻ کي منهن ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي واقعن، قيمتي جاني?? جي نقصانن ۽ وڏي معاشي نقصانن کان آگاهه آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته مون هڪ ڊگهي عر??ي کان اها ڳالهه واضح ڪندو آيو آهيان ته افغانستان ۾ تڪرارن جو ڪو فوجي حل نه آهي، ۽ تڪرارن کي صرف سياسي ڳالهي?? جي ذريعي ئي حل ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته پاڪستان اڻٿڪ ڪوششن سان افغان امن عمل ۾ مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنه?? جي نتيجي ۾ اڄ اهو وقت اچي پهتو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪريون ٿا ته اسان ان حوالي سان پنهنجي ذميداري پوري ڪئي آهي