اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو فائدو قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ ۾ آهي، طاقتور ۽ ڪمزور جي لاءِ هڪ قانون هجڻ گهرجي، مخالف ڌر جو مفاد پاڪستان جي مفاد جي خلاف آهي، عمران خان ڪڏهن به انهن ڦورن کي معاف نه ڪندو، ا??له جو شڪر آهي ته جيڪڏهن اهي ماڻهو آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف جي خلاف ڳالهائي رهيا ??هن ته انهن جي چونڊ ڪرڻ وارو منهنجو فيصلو بلڪل ٺيڪ هو، ڦورو هنن جي خلاف ڳالهائي رهيا ??هن ته ان جو مطلب آهي ته هي بلڪل ٺيڪ ماڻهو آهن، ا??ندڙ ڏينهن ۾ ڏسنداسين ته ڪنهن جون ٽنگون ڏڪن ٿيون ۽ ڪنهن جي مٿي تي پگهر اچي ٿو، اسان جي سيڪيورٽي فورسز گذريل 15، 20 سالن ۾ د??شتگردي جو ڪاميابي ۽ جرئت سان مقابلو ڪيو ۽ ملڪ کي محفوظ بڻايو، ا?? جي ڪري پاڪستان جو اهُو حال نه آهي جيڪو باقي مسلمان ملڪن جو ٿيو، اسان جي انٽيليجنس ايجنسين انتشار پکيڙڻ جي ڀارتي ڪوششن ۽ منصوبن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. گلگت ۾ گلگت بلتستان جي آزادي پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هڪ مضبوط فوج پاڪستان جي لاءِ ڪيتري ضروري آهي، ليبيا کان وٺي صوماليه، يمن ۽ افغانستان ۾ تباهي متل آهي، ا??هن ملڪن ۾ جنگيون ٿي چڪيون ??هن يا ٿي رهيون آهن، ا??هن ملڪن جي عوام مشڪل ۾ آهي ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي.