اسلام آباد-27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان امن جي بحالي، تڪرارن کان بچاءَ ۽ پائيدار ترقي وارا هدف حاصل ڪرڻ لا??ِ گهڻ قومي سهڪار لا??ِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل جي امن فنڊ جي لا??ِ اعليٰ سطحي ريپلينشمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل جي امن قائم ڪرڻ جي فنڊ ۾ 25 هزار ڊالر عطئي جو اعلان ڪندي چي?? ته اهو عزم گڏيل ??ومن جي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ وارين ڪوششن لا??ِ اسان جي سياسي، افرادي ۽ مالي مدد جاري رکڻ واري ارادي کي ظاهر ڪري ٿو. هن چي?? ته گهڻي ڀاڱي اُسرندڙ ملڪن وانگر پاڪستان ڪورونا وائرس وبا سبب سخت متاثر ٿيو آهي جنهن سبب اسان جو عوامي ??حت وارو نظام دٻاءُ جو شڪار ٿيو، اسان جي معيشت متاثر ٿي ۽ مالي صلاحيتن ۾ گهٽتائي ٿي.