اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته حڪومت قانون جي بالادستي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته ڪرپٽ عنصرن جي سهولتڪاري نظا?? کي صحيح ڪري قانون جي پڪڙ مضبوط ڪئي وڃي، معاشري جي ڪمزور ۽ طاقتور طبقن جي لاءِ هڪ جهڙو قانون لاڳو هجي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن الرشيد يونيورسٽي ڪراچي جي سربراهه مفتي رحيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاق??ت ڪئي.