اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته عالمي برادري کي اپيل آهي ته اها ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري، عالمي برادري ماحول ۽ ايڪو نظام جي تحفظ جي لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪري، وڻن ۽ جنگلي جيوت جي تحفظ جي لاءِ 9 قومي پارڪ ??اهي رهيا آهيون، بلين ٽري منصوبي تحت هڪ ارب وڻ لڳايا ويا آه?? جڏهن ته 2023ع تائين 10 ارب وڻ لڳائينداسين. هو ماحولياتي نظام جي بحالي بابت گڏيل قومن جي ڏهاڪي جي ??وض??ع تي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.