اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو آهي ته بلاول صاحب، وفاق سنڌ حڪومت کي هيستائين اين ايف سي جي مد ۾ 1900 ارب کان وڌيڪ ڏئي چڪو آهي، ٻڌايو ا??و پئسو ڪٿي خرچ ٿيو؟ توهان سنڌ حڪومت جي غفلت ۽ لاپرواهي تي سنڌ جي عوام کان ڪڏهن معافي گهري رهيا آهيو؟ سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي کي جيڪو مينڊيٽ ڏنو ا??و پورو ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي، سنڌ ۾ ڪرپشن سان گڏوگڏ صلاحيت جي به ??وٽ آهي، 59 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ استعمال نه ٿي سگهي، صوبائي حڪومت هدف مو??ب 53 سيڪڙو روينيو به جمع نه ڪري سگهي ان کانپوءِ به حڪومت ڪرڻ جو ڪو جواز بچي ٿو؟ پيپلزپارٽي جو چونڊ نشان ڪرپشن هجڻ گهرجي ڇو ته هو ا?? کانسواءِ ڪجهه ڪرڻ جي قابل ئي نه آهي. بلاول زرداري جي ب??ان تي رد عمل ۽ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو ته بلاول همت ڪري ۽ سنڌ جي عوام کي ٻڌائي وفاقي حڪومت پاران اين ايف سي جي مد ۾ سنڌ حڪومت کي جاري ٿيندڙ 1900 ارب روپيا ڪٿي خرچ ڪيا آهن.