اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير وزيراعظم کي ڪامياب پاڪستان پروگرام تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪي??. ڪامياب پاڪستان پروگرام نه رڳو نوجوانن کي آسان قسطن تي قرض جي فراهمي سان پنهنجو روزگار فراهم ڪندو پر وچولي طبقي کي پنهنجي ڇت حاصل ڪر?? لاءِ به قرض فراهم ڪندو. ان کانسواءِ آبادگارن جي مالي مدد جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مشينري کي حاصل ڪر?? لاءِ قرض به شامل آهي س??ن زراعت جي شعبي ۾ به نمايان ترقي ممڪن ٿي سگهندي، وزيراعظم ڪامياب پاڪستان پروگرام تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان جي تاريخ جو پهريو اهڙو پروگرام آهي جيڪو ماڻهن کي روزگار، پنهنجو گهر ۽ زرعي مشينري حاصل ڪر?? ۾ مدد ڪندو. ان سان نه رڳو روزگ??ر جا موقعا پيدا ٿيندا پر معيشت تي مثبت اثر پوندا.