اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي، ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي مسودي تي سمورين ڌرين سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز ڪنهن ريگيوليٽري ??ريم ورڪ تحت نه آهن، ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ ڪجهه سالن ۾ 25 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، پاڪستان برطانيا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، اميد آهي ته برطانوي حڪومت پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي حوالي سان پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري ??فاقي وزير برطانوي هاءِ ڪمشنر کي پاڪستان ۾ تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي بابت آگاهه ڪيو. چوڌري ??واد حسين چيو ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو مقصد ميڊيا جي ترقي ۽ موثر استحڪام جي لاءِ ٺوس موقف کي يقيني بڻائڻ ۽ ميڊيا پريڪٽيشنرز ۽ ڪنزيومرز کي ون ونڊو آپريشن فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته حڪومت فلم انڊسٽري جي فروغ لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي جي جمهوري ??درن جو تحفظ، فروغ ۽ تنقيد جو حق ڪنهن به مهذب جمهوري ??عاشري جي لاءِ لازمي آهي. چوڌري ??واد حسين برطانوي هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ته هن و??ت 7 ريگيوليٽري باڊيز ميڊيا جي ادارن کي هلائي رهيون آهن جن ۾ پيمرا، پريس ڪائونسل آف پاڪستان، پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي، سينٽرل بورڊ آف فلمز سينسرز، پريس رجسٽرار آفيس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن ۽ امپلي مينٽيشن ٽربيونل فار نيوز پيپرز ايپملائيز شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز ڪنهن ريگيوليٽري ??ريم ورڪ تحت نه آهن ريگيوليشن جي موجوده طريقيڪار تحت اٽڪل اڌ درجن فرسوده قانون موجود آهن جيڪي ميڊيا جي جديد دور جي گهرجن کي پورو نه ٿا ڪن. هن چيو ته تجويز ڪيل فريم ورڪ عالمي طريقن موجب چئلينجز کي ختم ڪندو ته جيئن پاڪستان کي ملٽي ميڊيا انفارميشن اينڊ ڪانٽينٽ سروسز جي لاءِ هڪ وڏو عالمي مرڪز بڻائي سگهجي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اسان جديد دور جي گهرجن موجب هڪ واحد قانون آڻڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ ميڊيا پليٽ فارمز ۽ شهرين جي لاءِ سهولتن تي ڌيان هجي. هن چيو ته تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ترقي، جدت، ڊيجيٽل معيشت تربيت ۽ تحقيق تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ پريس ڊائري??ٽو??يٽ، ڊيجيٽل ميڊيا اينڊ فلم ڊائري??ٽو??يٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا ڊائري??ٽو??يٽ، ميڊيا ڪمپلينٽس ڪميشن ۽ ميڊيا ٽربيونل هوندا. هن چيو ته هڪ جمهوري ??عاشرو هجڻ جي ڪري ??اڪستان ۾ ميڊيا جو هڪ متحرڪ منظرنامو آهي، پاڪستان ۾ 114 سيٽلائيٽ ٽيليويزن چينلز ڪم ڪري رهيا آهن جن مان 31 نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جا چينلز آهن، اهڙي طرح پاڪستان ۾ ايف ايم چينلز جو مجموعي انگ 258 آهي جن مان 196 ڪمرشل ۽ 62 نان ڪمرشل آهن. هن ٻڌايو ته اطلاعات واري ??ملڪتي وزير جي صدارت ۾ قائم ڪميٽي نجي شعبي جي ڌرين سان مشاورت جو سلسلو جاري رکيو آهي، ان ڪميٽي اي پي اين ايس، سي پي اين اين، پي بي اي ۽ پي ايف يو جي جي عهديدارن ۽ پريس ڪلبن سان اجلاس م??عق?? ڪيا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي برطانوي هاءِ ڪمشنر تجويز ڏني ته پي ايم ڊي اي جي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. هن چيو ته سمورين ڌرين کي يقين ڏياريو وڃي ته هي اٿارٽي صحافين جي سهولت لاءِ آهي جڏهن ته ان سان تنقيد جو حق متاثر نه ٿيندو. ملاقات ۾ اطلاعات واري ??فاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته برطانوي حڪومت پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي حوالي سان پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪندي ڇو ته حڪومت پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي انگن اکرن جي حوالي سان برطانيا جا ڪيترائي خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن.