اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) صدر م??لڪت آصف علي زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعن بنون ۽ خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي ڪاررواين تي فورسز کي خراج تحسي?? پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم ملڪ خاطر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي قربانين کي ڪڏه?? نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر ٻن مختلف ڪاررواين دوران 8 خوارجن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراه??و ۽ ڪاررواين دوران شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد زوهيب الدين ۽ سپاهي افتخار حسين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ملڪ خاطر وڏي قرباني پيش ڪرڻ ت?? شهيدن جي حب الوطني واري جذبي کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪي سلامتي خاطر شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. پوري قوم ملڪ خاطر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي قربانين کي نه وساريندي. صدر م??لڪت دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪ??و ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل رهندي. صدر م??لڪت شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.