اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ اتحادي پارٽين جي پارلياماني پارٽي وزيراعظم عمران خان ۽ حڪو??ت جي ڪارڪردگي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪو??ت جا تاريخي سڌارا ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا. وزيراعظم عمران خان جي ص??ار?? ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ هڪ قرارداد جي متفقطه طور تي منظوري ڏني وئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اسان حڪو??ت جي سموري اتحادي پارٽين، موجوده حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان تي مڪمل اعتماد ڪريون ٿا ۽ ڳالهه کي ورجايون ٿا ته موجوده حڪو??ت جا تاريخي سڌارا ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا، اسان متقفه طور تي وزيراعظم ۽ حڪو??ت جي ڪارڪردگي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪريون ٿا، اسان پارليامينٽ کي جمهوري قدرن موجب بدستور فعال رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.