اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اقتصادي رابطا ڪميٽي پاور ڊويزن پاران 20 ارب رپين جي خصوصي رليف پئڪيج جي تجويز جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ڪڻڪ جي ق??مت 1400 رپيا في 40 ڪلوگرام تائين وڌائڻ جي تجويز تي غور ڪيو. وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ٿيو. اي سي سي ??ڻڪ جي ق??مت 1400 رپيا في 40 ڪلوگرام تائين وڌائڻ جي تجويز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اڄ خميس ڏينه?? ا?? حوالي سان هڪ خاص اجلاس پڻ طلب ڪيو آهي جنهن ۾ ڪڻڪ جي امدادي ق??مت جي حوالي سان تفصيلي جائزو ورتو ويندو.