اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ مصنوعي ذهانت جي ڪري سافٽ ويئر روانگي واپ??ر جا وسيع موقعا موجود آهن. ٽوئيٽر ت?? جاري ڪيل پنهنجي وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان مون کي ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي فروغ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي جي حوالي سان هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي آهي جنهن جو آئون چيئرمين آهيان. هن چيو ته مصنوعي ذهانت سميت انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ٻين ش??بن ۾ گهري دلچسپي رکان ٿو. مصنوعي ذهانت بابت خاص قدم کڻي رهيا آهيون.