اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي وسيع ۽ بهتر ڪوريج کي يق??ني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام شعبي بابت معاملن تي غور ڪرڻ جي ل??ءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??وج?? اجلاس ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي وسيع ۽ بهتر ڪوريج کي يق??ني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام سيڪٽر جي حوالي سان لاڳاپيل اشوز جي حل جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. شاگردن تائين انٽرنيٽ جي آسان پهچ ۽ سستي پئڪيج جي فراهمي جي حوالي سان پڻ قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي يق??ني بڻائڻ جي حوالي سان يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) جي مختلف منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. وزيراعظم تعليم ج?? فروغ جي حوالي سان ٽيلي اسڪولنگ ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي تعليم ج?? فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته نوجوانن جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ل??ءِ ضروري آهي ته انهن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ??ئي وڃي.